شاهد خاقان عباسي

شاهد خاقان عباسي

شاهد خاقان عباسي

شاهد خاقان عباسي: پاڪستان جو 28هون وزيراعظم، خاقان عباسي'>شاهد خاقان عباسي، 27 ڊسمبر 1958ع تي نامياري سياستدان ۽ پاڪستان ايئر فورس جي ايئر ڪمانڊر خاقان عباسيءَ جي گهر، ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڪراچي مان حاصل ڪرڻ بعد اعليٰ ثانوي تعليم لارينس ڪاليج، مري مان، گريجوئيشن يونيورسٽي آف ڪئليفونيا، لاس اينجلس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ماسٽرز جي ڊگري جارج واسنگٽن يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. پروفيشنل انجنيئرنگ ڪيائين، هن عملي طور سياست جو آغاز پنهنجي والد جي وفات (1988ع) کانپوءِ ڪيو. شاهد خاقان عباسي پهريون ڀيرو 1988ع جي عام چونڊن ۾ راولپنڊي ضلعي جي، اين. اي- 50 جي سيٽ تان آزاد اميدوار طور کٽيو، جنهن بعد ‘اسلامي جمهوري اتحاد’ ۾ شامل ٿيو. ٻيو ڀيرو 1990ع ۾ ‘اسلامي جمهوري اتحاد’ جي ٽڪيٽ تان کٽيو ۽ دفاع کاتي جو پارلياماني سيڪريٽري مقرر ٿيو. ٽيون ڀيرو 1993ع ۾ ‘پاڪستان مسلم ليگ’ (ن) جي ٽڪيٽ تان ڪامياب ٿيو ۽ دفاعي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين منتخب ٿيو. 1997ع کان 1999ع تائين پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جو چيئرمين ٿي رهيو. 2008ع ۾
پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي گڏيل حڪومت ۾ ڪامرس جو وفاقي وزير ٿيو. 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي وفاقي ڪابينا ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جو وزير مقرر ٿيو. 28 جولاءِ 2017ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان پاناما ڪيس بابت فيصلي ۾ نوازشريف جي نااهليءَ بعد شاهد خاقان عباسيءَ کي پاڪستان جو 28هون وزيراعظم منتخب ڪيو ويو، جنهن جو هن 1 آگسٽ 2017ع تي حلف کنيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.12.27  عيسوي

پاڪستان جو 28هون وزيراعظم، شاهد خاقان عباسي، 27 ڊسمبر 1958ع تي نامياري سياستدان ۽ پاڪستان ايئر فورس جي ايئر ڪمانڊر خاقان عباسيءَ جي گهر، ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.


2017.07.28  عيسوي

28 جولاءِ 2017ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان پاناما ڪيس بابت فيصلي ۾ نوازشريف جي نااهليءَ بعد شاهد خاقان عباسيءَ کي پاڪستان جو 28هون وزيراعظم منتخب ڪيو ويو، جنهن جو هن 1 آگسٽ 2017ع تي حلف کنيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقليدس
پاٽائي شيخ مبارڪ
جعفر مخدوم بوبڪائي
درس غازي سکرالدين
الڪندي
امرت خان
سيد عبدالرحمان شاهه اظهر
ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘
جميل الدين عالي
اَمانت گل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون